امجدي بانو

امجدي بانو: امجدي بانو، مولانا محمد علي جوهر جي گهر واري هئي، جنهن پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن نه صرف عورتن، پر مردن ۾ به سياسي شعور پيدا ڪيو. بيگم امجدي بانوءَ 1885ع ۾ رام پور جي هڪ ديندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد عظمت علي خان اعليٰ عهدي تي فائز هو، جڏهن ته هن جي ماءُ سندس ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري وئي هئي. جنهن بعد سندس پرورش سندس ڏاڏيءَ ڪئي. ابتدائي اسلامي تعليم گهر ۾ ورتائين. 1902ع ڌاري جڏهن هوءَ 17 سالن جي ٿي ته هن جي شادي تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻ مولانا محمد علي ’جوهر‘ سان ٿي، جيڪو ان وقت آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو. امجدي بانو نه صرف پنهنجي مڙس جو خيال رکيو، پر سياست ۾ به ڀرپور حصو ورتو. هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو مولانا محمد علي جوهر جي ماءُ ’بي امان‘ سان گڏجي هندستان جي عورتن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ هو. هوءَ خلافت تحريڪ ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ شرڪت ڪندي هئي ۽ ڪيترا دفعا جيل به وئي. هن 1917ع جي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. 1920ع ڌاري هن آل انڊيا خلافت لاءِ بي امان ۽ بيگم سان گڏجي 40 لک روپيا جمع ڪيا. 1930ع ۾ مولانا محمد علي جوهر سان گڏ لنڊن جي گول ميز ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿي. هن مولانا محمد عليءَ جي مشن کي سندس وفات کانپوءِ به جاري رکيو ۽ ملڪي سياست ۾ به سرگرم رهي. اڳتي هلي هن انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ميمبر منتخب ٿي. 1937ع ۾ عورتن جي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي هن صدارت ڪئي.
22 مارچ 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم خواتين ليگ ڪميٽيءَ جو اجلاس، حبيبيه حال اسلاميه ڪاليج لاهور ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڄي هندستان مان مشهور مسلم عورتن حصو ورتو، ان اجلاس ۾ امجدي بانو کي سڀني عورتن جي اڳواڻ ۽ صدر چونڊيو ويو. 1940ع ۾ انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي تاريخي اجلاس ۾ هيءَ واحد خاتون هئي، جنهن تقرير ڪندي ’قرارداد پاڪستان‘ کي ’پاڪستان جو ٺهراءُ‘ سڏيو. 1946ع جي عام چونڊن ۾ هن ڪردار ادا ڪيو ۽ خود به اتر پرديش جي هڪ تڪ تان انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بنا مقابلي چونڊي وئي.
امجدي بانوءَ 28 مارچ 1947ع تي وفات ڪئي


لفظ امجدي بانوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو